پيرزادو شريف الدين

پيرزادو شريف الدين

پيرزادو شريف الدين

پيرزادو شريف الدين: پاڪستان جو ناميارو قانوندان، اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ اڳوڻو اٽارني جنرل، شريف الدين پيرزادو 12 جون 1923ع تي برهان پور (ڀارت) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم رابرٽ سن هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1945ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل بيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. لنڪنز ان (برطانيه) مان بئرسٽريءَ جو امتحان ڏنائين. 1941ع کان 1944ع تائين قائداعظم جو اعزازي سيڪريٽري ۽ 1945ع کان 1947ع تائين بمبئي سٽي مسلم ليگ جو چيئرمئن رهيو. 1946ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جو پبلسٽي سيڪريٽري رهيو. 1947ع ڌاري ڊيلي مارننگ هيرالڊ جو مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1954ع تائين، سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ قانون جو پروفيسر رهيو. 1958ع کان 1966ع تائين پاڪستان جو اٽارني جنرل رهيو. 1966ع کان 1968ع تائين پرڏيهي وزير، 1968ع کان 1971ع تائين اٽارني جنرل؛ 1977ع ۾ اقليتن جي حقن بابت اقوام متحده جي سب ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. جنوري 1978ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جو مشير ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن بابت وزير ٿيو. جولاءِ 1978 کان 1984 تائين اٽارني جنرل ۽ قانون جو وزير رهيو. 1985 کان 1988 تائين او. آءِ. سي جو سيڪريٽري رهيو. کيس حڪومت پاڪستان 1964 ’ستاره پاڪستان‘ ۽ 1998 ۾ ’نشان امتياز‘ ڏنو. هو 1965ع ڌاري ڪڇ جي رڻ بابت عالمي جاچ ڪميٽيءَ ۾ پاڪستان جو نمائندو رهيو ۽ 1967ع ۾ بيت المقدس بابت اقوام متحده جي قرارداد جو مسودو هن تيار ڪيو. شريف الدين پيرزادو عالمي عدالت جو 2000 ڌاري ايڊهاڪ جج به رهيو آهي. هو ساڳئي عرصي دوران پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽوِ پرويز مشرف جو قانون، پرڏيهي معاملن ۽ انساني حقن بابت سينيئر مشير رهيو. شريف الدين پيرزادي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ قائداعظم، تحريڪ پاڪستان ۽ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ بابت تاريخي دستاويزن بابت اهم معلومات ڏنل آهي. سندس ڪتابن مان ڪجهه هيٺيان آهن: Pakistan at a Glance ، (2) Jinnah of Pakistan، (3) Foundation of Pakistan، (4) Some Aspects of Quaid-e-Azam*s Life، (5) Collected Works of Quaid-e-Azam. نوٽ : شريف الدين پيرزادي 2 جون 2017ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.06.12  عيسوي

شريف الدين پيرزادو 12 جون 1923ع تي برهان پور ڀارت ۾ ڄائو


2017.06.02  عيسوي

شريف الدين پيرزادي 2 جون 2017ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرزادو حاجي محمد
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
جمعو فقير جوڙ
جمالي حاجي علي بخش
احمد فقير سمو
سيده شهلا رضا
راءِ ڏياچ
ٻڍل بيگ ميرزا
چنا محبوب علي سيوهاڻي
امان الله شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون